ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مسلمان امت جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي کانسواءِ فڪري ۽ سائبر حملن سميت جديد جنگي محاذن تي مو??ر مقابلو ڪرڻ لاءِ فوري اطلاع ۽ انٽيلي جنس تي ٻڌل ڀرپور قومي تيارين تي زو?? ڏنو آهي. هن عراق ۾ آمريڪي مداخلت ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران تازي مو??صلاتي بندشن جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته مسلمانن کي پنهنجي اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ گهرجي جيڪي دنيا ۾ سلامتي ۽ عظمت کي برقرار رکڻ لاءِ ايترائي اهم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ پي اي ايف ايئر وار ڪاليج کي انسٽيٽيوٽ جو درجو ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. جنوري 1959 ??ي ان اسٽاف ڪاليج جو ان وقت جي صدر محمد ايوب خان افتتاح ڪيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جيڪو هن انسٽيٽيوٽ جو پهريون چانسلر آهي، تنهن معياري پيشيوراڻي تربيت ۽ تعليم سان گڏوگڏ اخلاقيات جي اهميت تي ب?? زو?? ڏنو. ملڪ جي مضبوط دفاعي نظام کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دنيا ۾ دفاعي شعبي ۾ ڪنهن به اڳڀرائي تي پورو لهندي آهي. هن دفاعي تعليم ۽ تربي??ي انسٽيٽيوٽ جي صلاحيت ۾ اضافي سان گڏوگڏ جديد تعليم ۽ ٽيڪنالاجيز سان پاڻ کي ليس ڪيو آهي جنهن سان کيس بهترين دفاعي حڪمت عملين کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.