ڪوئيٽا – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان جي سامونڊي علائقن ۾ ماهيگيري جي شعبي ۾ تما?? گهڻا موقعا آهن، مقامي نوجوان جديد مهارت حاصل ڪر?? ان شعبي مان روينيو حاصل ڪرڻ جي وسيع موقعن مان ڀرپور فائدو کڻن. ڪامياب جوان پروگرام تحت بلوچستان جي نوجوانن ۾ آسان شرطن تي قرض ور??ائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت ماهيگيرن جي مناسب تربيت ذريعي نوجوانن جي مدد ڪندي ۽ انهن کي پنهنجو ڪاروبار هلائڻ ۾ مدد فراهم ڪندي.