اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان گڏ ريڊيو ??اڪستان جو دورو ڪيو جتي ريڊيو ??اڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل عنبري?? جان پاران اطلاعات ۽ نشريات واري وزير چوڌري فواد حسين ۽ مملڪتي وزير فرخ حبيب کي ر??ڊي?? جي ورڪنگ ۽ پ??ڊ ڪاسٽ پروگرام جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ريڊيو ??اڪستان کي موجوده دور جي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي، سڄي دنيا ۾ ملڪي تشخص ۽ قومي بيانيي کي اجاگر ڪرڻ ۾ ريڊيو ??اڪستان جو اهم ڪردار آهي.