اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته پاڪستان ڪرپشن جي خاتمي ۽ ڪروڙين ماڻهن کي غربت م??ن ڪڍڻ سميت چين کان گهڻو ڪجهه سکندو آهي، چين سان ??عاون وڌائينداسين، سي پيڪ تحت صنعتي ۽ زرعي شعبي ۾ به تعاون کي فروغ ڏنو ويندو، پاڪ چين دوستي ج??ن پاڙون عوام ۾ گهريون ٿي رهيون آهن، عوام ڄاڻي ٿي ته چين اهڙو دوست آهي ج??ڪو هر مشڪل ۾ گڏ بيٺل آهي. اهڙن خيالن جو اطهار هن ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ ٽو جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران ??ان چيو ته 11 سئو ميگاواٽ جو اهو منصوبو خوش آئنده ۽ ان لحاظ کان ??ه وڏي اهميت رکندڙ آهي ته ان مان ڪلين انرجي پيدا ٿيندي، اهو پاڪست??ن جهڙي ملڪ لاءِ گهڻو اهم آهي ڇو ته اسان گلوبل وارمنگ کان متاثر آهيون جڏهن ته اس??ن جو دارومدار گليشيئرز تي آهي ج??ڪي اس??ن جي دريائن کي 80 سيڪڙو پاڻي مهيا ڪندا آهن جيڪڏهن اسان گليشيئرز کي اهڙي طرح پگهرجڻ کان ??وڪڻ لاءِ قدم نه کنيا ته اس??ن جي ايندڙ نسلن کي پاڻي ۽ خوراڪ جا مسئلا درپيش ٿيندا. وزيراعظم چيو ته اسان ماضي ۾ پاڻي مان ??وانائي حاصل ڪرڻ تي ايترو ڌيان نه ڏنو جيترو پوٽينشل موجود آهي، چين جي تعاون سان ??وانائي ج?? منصوبن جي ڪري پاڪست??ن جي افرادي قوت هنرمند بڻجي رهي آهي ۽ ٽيڪنالاجي ج?? منتقلي به ٿي رهي آهي، پاور پلانٽس جي منصوبن تي 40 هزار چيني ڪارڪنن ڪم ڪيو، ان ??ان ??سان کي پنهنجي ماڻهن کي سيکارڻ ۾ به وڏي مدد ملندي. ويراعظم چيو ته چين سان ??س??ن جو گهڻو منفرد تعلق آهي، اڄ جڏهن اسان پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون ته اهي لاڳاپا هاڻي عوام جي سطح تائين هموار ٿي رهيا آهن ۽ وڌيڪ وڌي ويجهي رهيا آهن، اسان ??يني لحاظ کان هڪ طرف مسلمان ملڪن جي ويجها آهيون ته ٻي طرف چين اس??ن جو اهڙو پاڙيسري آهي ج??هن جي باري ۾ اس??ن جي عوام ۾ اها سوچ پختي ٿي چڪي آهي ته چين هر مشڪل ۾ اسان ??ان گڏ بيٺل هوندو آهي، چين سان پاڪست??ن جي عوام جو هڪ جذباتي وابستگي پيدا ٿي چڪي آهي، هن چيو ته پاڪست??ن جي چين سان لاڳاپا وڌيڪ فروغ وٺندا ۽ اس??ن جي خوش قسمتي آهي ته اس??ن جو پاڙيسري دنيا ۾ ترقي ج?? ڊوڙ ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي ۽ وڌيڪ اڳتي وڃي رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين کان گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿو، چين پنهنجي پکڙجندڙ شهرن کي ج??ڙي طرح سنڀاليو ان مان ??سان گهڻو ڪجهه سکي سگهون ٿا، اس??ن جا شهر به گهڻا وڌي چڪا آهن، اسان ??ن سلسلي ۾ اولهه جي بدران چين کان وڌيڪ سکي سگهون ٿا. چيني قيادت کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته هن اعلان ڪيو ته انتهائي غربت جو هنن خاتمو ڪري ڇڏيو، هو ستر ڪروڙ ماڻهن کي 30 سالن ۾ غربت م??ن ڪڍي مٿي کڻي آيا، اسان کي به پنهنجي عوام کي غربت م??ن ڪڍڻو آهي ج??ڙي طرح چين ڪرپشن جي خلاف جنگ ڪئي اسان کي به ڪرڻي آهي.