اس??ام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ٿر، سنڌ ۾ هندو شهري کي هراسان ڪرڻ جي واقعي جي ذ??يو??ر شخص عبدالس??ام ابو دائود کي سنڌ پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٿر ۾ هندو شهري کي هراسان ڪرڻ جي واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي گهرو وزارت جي سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي هئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اهڙا واقعا ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجي سگهن ??ا، اقليتن سان زيادتي اس??ام جي روح جي منافي، آئين پاڪستان جي سنگين خلاف ورزي آهي، هن چيو ته آئين پاڪستان اقليتن جي حق??، مذهبي آزادي جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو، اقليتن کي سمورا حق حاصل آهن، رياست انهن جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته اهڙن واقعن جي روڪٿام معاشري جي سمورن ماڻهن جي گڏيل ذميداري آهي.