نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسلاموفوبيا سميت نسل پرستي ??ي سڀني حاضر دور جي قس??ن جي عروج ۽ پکيڙ خلاف ”عالمي اتحاد“ ٺاهڻ جي ضرورت آهي، اهو مطالبو هن گذريل ڏينهن نيويارڪ ۾ ڊربن پڌرنامي ?? پروگرام آف ايڪشن (ڊي ڊي پي اي) جي 20 هين سالگرهه جي حوالي سان گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻن ڏهاڪن کانپوءِ تاريخي دستاويزن نسل پرستي، نسلي امتياز ۽ لاڳاپيل عدم رواداري کي منهن ڏيڻ لاءِ اڄ به هڪ جامع، نافذ العمل، عمل عالمي فريم ورڪ آهي . پرڏيهي وزير چيو ته هي موقعو آهي ته 2001ع ۾ ڏکڻ آمريڪا جي شهر ڊربن ۾ نسلي پرستي ??ي خلاف ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي نتيجن تي ??ملدرآمد تي ??ڳڀرائي جو جائزو ورتو وڃي، هن چيو ته نسل پرستي ??سان جي گڏيل انسانيت جي نفي آهي، پرڏيهي وزير چيو ته نسلي نفرت، ??ذهبي بالادستي ?? پرتشدد قومپرستي ??و اظهار، سياسي ڌارا ۾ داخل ٿي چڪو آهي، هن چيو ته نيو نازي ازم ۽ ٻين پرتشدد قومپرست گروهن جي ٻيهر جنم وٺڻ کان وٺي سياستدانن جي نسل پرستاڻي ۽ زينو فوبڪ روين تائين، وسيع پئماني تي ??سلامو فوبيا ۽ مسلمانن جي نسلي ڪردار ڪشي کان وٺي آفريقي نسل جي ماڻهن جي خلاف امتيازي شهريت جي قانونن تائين، سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهن جي انساني وقار تي ??ملن ۾ ڳڻتي ??وڳي حد تائين اضافو ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪورونا وبائي بيماري ان منفي روين کي وڌيڪ تيز ۽ نسلي امتياز کي سگهه ڏني آهي ۽ موجوده عدم مساوات کي بگاڙيو آهي، پرڏيهي وزير نسلي عدم مساوات تي ??ابطو آڻڻ جي غرض سان 4 نڪاتي ??جويزون پيش ڪندي چيو آهي ته 1. غلامي جي ازالي لاءِ اخلاقي، معاشي، سياسي ۽ قانوني ذميدارين تي ??ملدرآمد ضروري آهي. 2. سڀني لاڳاپيل رياستن پاران مساوات کي يقيني بڻائڻ ۽ افريقي نسل جي ماڻهن ۽ امتيازي صورتحال کي منهن ڏيندڙ ٻين مظلوم نسلي ۽ مذهبي گروهن جي معاشي بهتري لاءِ ايڪشن پلان کي اختيار ڪيو وڃي. 3 لاڳاپيل ملڪن ۾ قانون لاڳو ڪندڙن جي ثقافت، ??اليسين ۽ طريقن ۾ سڌارا ڪيا وڃن. 4 اسلامو فوبيا سميت نسل پرستي ??ي سڀني عصري قس??ن جي عروج ۽ واڌ جي خلاف هڪ عالمي اتحاد بڻايو وڃي.