اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت جي دور ۾ ادارا آزاد آهن، آدمشماري لاءِ سڀئي لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين چونڊ عمل ۾ شفافيت آڻيندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار متحده قومي موومينٽ جي وفد سان ڳالهائيندي جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.
وفد ۾ ا??فارميشن ٽيڪنالاجي وارو وزير سيد امين الحق، خالد مقبول صديقي ۽ سينيٽر فيصل سبزواري شامل هئا. ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر به موجود هو، ملاقات ۾ آدمشماري ۽ سنڌ ۾ جاري وفاقي حڪومت جي ترقياتي ??نصوبن ت?? خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد وفاقي حڪومت جي ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ انفرااسٽرڪچر جي بهتري لاءِ منصوبن تي ??زيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته حڪومت ۽ اتحادي پارٽيون گڏجي سنڌ ۽ خاص طور ڪراچي جي ترقي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري رهيُون آهن.
وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ ادارا آزاد آهن، آدمشماري لاءِ سڀني لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين چونڊ عمل ۾ شفافيت آڻيندي، پاڪستان ۾ ا??يڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي چونڊ عمل تي ??ثبت اثرن جي باري ۾ آگاه?? ڏيڻ جي ضرورت آهي.