اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان للها – جهلم ٻن ڦاڪن واري رستي جي پيڙهه جو پٿر ??کي ڇڏيو، 128 ڪلوميٽر ڊگهو ٻن ڦاڪن وارو رستو 16 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندو ?? ان جي تڪميل 30 مهينن ۾ ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب ان رستي جي تعمير سان چڪوال، خوشاب، منڊي ب??اءُ الدين، گجرات ۽ ميرپور جي علائقن ۾ را??طو قائم ٿيندو، ڄاڻايل رستي جي ڪري سياحت کي فروغ، پوکيءَ جي فارم کان مارڪٽ پهچ، روزگار جي موقعن ۾ اضافي ۽ معاشي ترقي ?? مدد ملندي. تقريب ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم عبدالقيوم نيازي، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پڻ شرڪت ڪئي.