اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ت?? پاڪستان ۾ سياحت جو فروغ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اها ڳالهه هن وزيراعظم عمران خان جي سياحتي ر??بطن واري خصوصي صلاحڪار اعظم جميل سان ڳالهائيندي ڪئي. جنهن پرڏي??ي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي ملاقات دوران سياحت جي فروغ لاءِ مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏي??ي وزي چيو ت?? پاڪستان ۾ سياحت جو فروغ وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. 2019ع ۾ پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ مثالي ترقي ٿي، هن چيو ته ڪو??ونا جي ڪري جتي باقي شعبا متاثر ٿيا اتي سياحت جي شعبي کي به شديد نقصان پهتو، ڪو??ونا جي صورتحال ۾ بهتري کانپوءِ سڄي دنيا جا سياح ٻيهر سياحت طرف متوجهه ٿي رهيا آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان سياحت جي فروغ لاءِ پاڪستان ??چڻ جي خواهشمند سياحن لاءِ آن ويز سميت ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون، منهنجو اسپين جي دوري دوران گڏيل قومن جي سياحت بابت عالمي تنظيم (يو اين ڊبليو ٽي او) جي سيڪريٽري جنرل سان فائديمند ملاقات ٿي، وزيراعظم جو سياحتي ر??بطن وارو خصوصي صلاحڪار اعظم جميل پرڏي??ي وزير جو ٿورو ادا ڪندي پرڏي??ي وزارت جي مدد سان هڪ جامع قومي سياحتي پاليسي جلد جوڙڻ جو اشارو ڏنو.