اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي معاشي ترقي جي لاءِ صنعتي شع??ي جي ترقي انتهائي ضروري آهي، حڪومت صنعتي ترقي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، ننڍي ۽ وچولي پئماني جي صنعت جي لاءِ ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ايس ايم اي پاليسي جاري ڪئ?? وئي، ڪورونا وبا دوران حڪومت جي ڪامياب پاليسين جي ڪري صنعتن جو ڦيٿو هلندو رهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ۾ صنعتي شع??ي جي ترقي تي اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس کي صنعتي شع??ي جي موجوده صلاحيت ۽ ترقي جي لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏن?? وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ??لڪ ۾ ڪورونا وبا جي باوجود صنعتي شعبي تمام گهڻي ترقي ڪئي جنهن جو سڀ کان وڏو دليل ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جو پنهنجي مڪمل صلاحيت سان ڪم ڪرڻ آهي، تعميراتي شع??ي جي ترقي جي لاءِ حڪومتي پئڪيج جي ڪري ??لڪ ۾ نه رڳو اقتصادي بهتري آئي پر روزگار جا وسيع موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مينوفيڪچرنگ سيڪٽر هن وقت جي ڊي پي جو 12.79 سيڪڙو آهي جڏهن ته حڪومت ان کي وڌائي 25 سيڪڙو ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، مينوفيڪچرنگ سيڪٽر جي ترقي سان ملڪ ۾ روزگار جي فراهمي ۽ مجموعي طور تي ملڪي معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته حڪومت صنعتن جي موجوده صلاحيت کي وڌائڻ، ِسڪ يونٽس کي فعال ڪرڻ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پلانٽ ۽ مشينري ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ??ڌائڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪئي آهي جنهن تي عملدرآمد ترجيحي بنيادن تي جاري آهي. ان کانسواءِ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ??ڌائڻ، ننڍي ۽ وچولي پئماني تي صنعت جي ترقي جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم صنعتن ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ جي هدايت جاري ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، اسد عمر، خسرو بختيار، حماد اظهر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.