اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان بلوچستان عوامي پارٽي جي وفد پارلياماني ليڊر نوابزاده خالد مگسي سان گڏجي ملاقات ڪئي. وفد ۾ دفاعي پيداوا?? واري وفاقي وزير زبيده جلال، قومي ??سي??بلي ميمبر روبينه عرفان، سرار اسرار ترين ۽ مير احسان ريڪي شامل هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ خاص معاون ڊ??ڪٽ?? شهباز گل پڻ موجود هئا.