لاهور – 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان ??ان چيو آهي ته ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊون ٽن مهينن ۾ ڪرايون وينديون. گورنر هائوس لاهور ۾ پارٽي ورڪرز ۽ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن ڀيري پاڪستان ??حريڪ انصاف هيٺين سطح تي مناسب مشاورت کانپوءِ پنهنجي نظرياتي ڪارڪنن کي ٽڪيٽ ڏيندي. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر عم?? سرفراز چيمه، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان ??وزدار، اڳوڻن وفاقي ۽ صوبائي وزيرن سميت ٻيا به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته آئنده ٽڪيٽس جي نگراني پاڻ ڪندس، هن چيو ته ماضي ۾ پارٽي ٽڪيٽ ڏيندي ڪجهه غلطيون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ قيمت ادا ڪرڻي پئي، تنهن هوندي به هاڻي انهن غلطين مان ??کنداسين. هن اميد ظاهر ڪئي ته عوام ايندڙ چونڊن ۾ انهن سياستدانن کي سبق سيکاريندي جيڪي غير ملڪي سازش جو حصو بڻيا آهن، هن چيو ته انهن غدارن ملڪ جي آزاد پرڏيهي پاليسي کي ختم ڪرڻ جو منصو??و بڻايو آهي ۽ اسان ??نهن غدارن جي خلاف هر قيمت تي ۽ هر فورم تي وڙهنداسين، وزيراعظم اعلان ڪيو ته اڄ رات عشاءِ جي نماز کانپوءِ ايف نائن پارڪ اسلام آباد ۾ پرامن احتجاج ڪيو ويندو، هن چيو ته سازش جو حصو بڻجندڙ عنصرن جي سياست ايندڙ اليڪشن ۾ ختم ٿي ويندي، ان موقعي تي وزيراعظم عم??ان ??ان ??فقت محمود کي روزاني لاهور ۾ احتجاج ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ پنجاب جي گورنر عم?? سرفراز چيمه کي به مبارڪباد ڏني.