اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سروسز چيفس سان ٽيليفون تي ڳا??هه ٻولهه ڪندي انهن کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه، پاڪ بحريه جي سربراهه ا??ڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهه ا??ئر چيف مارشل ظهير اح??د بابر سنڌو کي پڻ ٽيليفون ڪئي ۽ کين عيد جي مبارڪباد ڏني.