لاهور – 28 – مئ?? (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ چيني ڪمپنين کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن، پاڪ چائنه گڏيل سيڙپڪاري جي منصوبن کي جلد فعال ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهولت پهچائي وڃي، انهن ڪمپنين جي ملازمن لاءِ سيڪيورٽي وڌيڪ موثر بڻائي وڃي. هن اها هدايت چيني ڪمپنين جي سيڙپڪاري جي سلسلي ۾ جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي، ترقي وا??ي وفا??ي وزير احسن اقبال، پاور ڊويزن وا??ي وفا??ي وزير خرم دستگ??ر، سيڙپڪاري بورڊ وا??ي وفا??ي وزير چوڌري سالڪ حسين، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق فاطمي، گهرو، ناڻي، پرڏيهي معاملن جي سيڪ??يٽ??ين، سيڙپڪاري بورڊ، پيٽروليم، پاور، آءِ ٽي، ريلوي جي سيڪ??يٽ??ين ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وفا??ي وزير احسن اقبال پاڪستان چين جي گهڻ رخي لاڳاپن ۽ سيڙپڪاري ۾ موجود وڌيڪ امڪاني موقعن تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف خصوصي هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ چيني ڪمپنين کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن، پاڪ – چائنه گڏيل سيڙپڪاري جي منصوبن کي جلد فعال ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهولت هڪٻئي کي پهچائي وڃي، هن هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ سمورين چيني ڪمپنين جي ملازمن جي سيڪيورٽي وڌيڪ موثر بڻائي وڃي.