اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مديني جي رياست ۾ تعليم ۽ هيٺين ۽ ڪمزور طبقن جي ڀلائ?? تي خصوصي ڌيان ڏنو ويو، رياست مدينه جي ??اڊل جي ??يروي ڪندي موجوده حڪومت انساني وسيلن جي ترقي ۽ معاشري مان غربت جي خاتمي جي ??اءِ تعليم خاص طور تي اعليٰ تعليم جي شعبي کي اولين اهميت ڏئي رهي آهي، وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي ۾ بدلائڻ جو مقصد به تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ حڪمران طبقي ۽ عوام جي ??چ ۾ فاصلا گهٽ ڪرڻ آهي، معاشي صورتحال جلد بهتر ٿي ويندي، احتساب مهم جي ??تيجي ۾ حاصل ٿيندڙ رقم کي تعليم جي شعب?? تي خرچ ڪيو ويندو. هن اها ڳالهه وزيراعظم هائوس ۾ اسلام آباد نيشنل يونيورسٽي جي افتتاح?? ڪانفرنس ۾ ”پاڪستان جي ??اءِ اڀرندڙ چئلينجز ۽ موقعا“ جي ??وضوع تي خطاب ڪندي چئي.