اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين دينه ۾ لاهور جي نجي اسڪول جي ٽرپ ڪوسٽر کي پيش ايندڙ حادثي تي گهري ڏک ۽ اف??وس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته معصوم ٻارن سان پيش ايندڙ واقعو اف??وسناڪ آهي، حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ٽيچر ۽ شاگردن جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري ??فاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جا درجا بلند ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. هن حادثي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.