اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاش?? اعواڻ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جو راتوڪو خطاب پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) کان دلبرداشته رويي ۽ مايوسين جو اظهار هو، پهرين ڏينهن چيو هو ته اهي ماڻهو پاڻ ۾ سچا نه آهن ته قوم سان ڪهڙي وفا ڪندا. چونڊن ۾ رد ٿيندڙ جٿن جي صورت ۾ حقيقي عوامي مينڊيٽ جي توهين نه ڪن نه وري جمهوري نظام تي حملا آور ٿين، س??اسي اڪيلائپ جو شڪار مولانا ذاتي مفادن جي عي??ڪ لاهي ڏسي ته خبر پئجي ويندي ته پاڪستان اڪيلائي جو شڪار نه آهي.