صوابي – 09 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر صوابي ۾ وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو. گجو خان ۾ پنس (پائن) جو هڪ ٻوٽو لڳ??ئڻ کانپوءِ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ٽائيگر فورس جي مدد سان پوري ملڪ ۾ جاري وڻڪاري مهم جي ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ان موقعي تي گجو خان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته هر شخص کي هڪ وڻ لڳ??ئڻ گهرجي جيڪو نه رڳو رسول ڪريم صه جي سنت آهي پر ماحوليات جي لاءِ هڪ مثبت قدم آهي. هن چيو ته اسان کي گڏيل طور تي پاڪستان کي صاف سٿرو ۽ سبز پاڪستان بڻ??ئڻ جي خواب کي پورو ڪرڻو آهي. اسپيڪر پوري پاڪستاني قوم کي اپيل ڪئي ته اها ان مهم کي ڪامياب بڻ??ئڻ جي لاءِ ا??تي وڌي ۽ ان مهم ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.