اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش توانائي جي چئلينجن کي حل ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ايڪسپلوريشن ا??نڊ پروڊڪشن مينيجمينٽ سسٽم لاڳو ڪرڻ سان تيل ۽ ??ئس جي ذخيرن مان گهٽ لاڳت ۾ فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته قومي خزاني تي پيل بار کي گهٽ ۽ عوام کي سستي اگهن تي تيل ۽ ??ئس جي فراهمي به ممڪن ٿي سگهندي. هو هتي ملڪ ۾ تيل ۽ ??ئس جي دريافت ۽ پيداوار ۾ اضافي ج?? حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وفاقي وز??ر عمر ايوب خان، شبلي فراز، خاص مددگار نديم بابر ۽ سنيئر آفيسر به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، وزيراعظم م??ڊيا آفيس موجب پيٽروليم واري سيڪريٽري اجلاس کي ايڪسپلوريشن ا??نڊ پروڊڪشن مينيجمينٽ سسٽم ج?? حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.