اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي اڳوڻي مئنيجنگ ??ائريڪٽر ۽ سينئر صحافي مسعود ملڪ کي سوين سوڳوارن جي موجودگي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، وفاقي گادي واري شهر اس??ام آباد جي ايڇ ايٽ قبرستان ۾ مرحوم جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، قومي اس??مبلي جي اڳوڻي اس??يڪر حاجي نواز کوکر، عرفان صديقي، پرنسپل ا??فا??ميشن آفيسر ( پي آءِ او) طاهر خوشنود، پيمرا جو چيئرمين سليم بيگ، صدر جي پريس سيڪريٽري ميان جهانگير، اي??وسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مينيجنگ ??ائريڪٽر طارق محمود خان، مشهور سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر جمال ناصر، قومي اس??مبلي ميمبر صداقت عباسي، انجم عقيل خان سميت اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن، سينئر صحافين، صحافتي تنظيمن جي عهديدارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.