اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ آرمي ايڪٽ ۾ ترميمن جو بل ??وم?? اسيمبلي مان منظور ٿيڻ تي سمورين سياسي پارٽين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪي تحفظ سان ڳنڍيل اهم قانونسازي تي سياسي پارٽين اتفاق ۽ بردباري جو مظاهرو ڪيو، اڄ ثابت ٿي ويو ته جڏهن به ملڪ تي مشڪل وقت آ??و سموريون سياسي پارٽيون متحد ٿي وينديون آهن، سياسي معاملن تي اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي، جڏهن به ملڪ جي ??وم?? سلامتي ۽ مفادن جي ڳالهه ايندي آهي ته سڀ سياسي پارٽيون متحد ٿي وينديون آهن، پيپلزپارٽي خاص داد جي حقدار آهي جنهن ??وم?? مفاد ۾ پنهنجون تجويزون واپس ورتيون، مخالف ٻڌي وٺن، ملڪي مفاد جي معاملي ۾ سموريون سياسي پارٽيون متحد آهن، پارليامينٽ عوام جي عدالت مان سرخرو ٿيندي رهندي، پاڪستان جي مخا??فن جي پروپگنڊا کي پارليامينٽ دفن ڪري ڇڏيو، پارليامينٽ انهن جي ارمانن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي.