ميانوالي – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جي پهرين فلاحي رياست حضرت محمد صه مديني ۾ ٺاهي هئي جيڪا پوري دنيا ۾ بهترين ماڊل آهي، جن ملڪن به انهن اصولن تي عمل ڪيو انهن ترقي ڪئي، زندگي جو مقصد ۽ موت جو جواب ڪا سائنس ناهي ڳولي سگهي پر ان جو جواب مذهب ۾ اسان جي لاءِ ن??ي صه جي زندگي عملي نمونو آهي، جنون ۽ صلاحيت جي مقابلي ۾ فتح سدائين جنون جي ٿيندي آهي، مشڪل وقت سدائين سيکارڻ جي لاءِ ايندو آهي جيڪڏهن پنهنجي غلطين مان سبق سکي و??ون ته اسان ترقي جي رستي تي گامزن ٿي سگهون ٿا. هو نمل يونيورسٽي جي ستين يوم تاسيس جي ??وق??ي تي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.