اسلام آباد – 09 اپريل (اي پ?? پي) ڪورونا وائرس تي پارلياماني ڪميٽي جو ٻيو اجلاس خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي اسد قيصر جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، اعظم سواتي ۽ شيخ رشيد احمد سميت راجا پرويز اشرف، مشاهد الله خان، وزيراعظم جو پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ۽ سينيٽر غفور حيدري شرڪت ڪئي جڏهن ته شيري رحمان، خواجه آصف ۽ ناڻي وارو صلاحڪار حفيظ شيخ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، وزيراعظم جي ناڻي ?? واپار بابت صلاحڪارن ڪورونا وائرس سبب ملڪي معيشت ?? واپار تي پ??ندڙ اثرن ۽ معيشت جي بحالي جي پ??ان تي ب??يف??گ ڏني.