اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته هي هڪ ٻئي تي تنقيد جو نه پر گڏجي ويهي ??لڪ مان ڪورونا وائرس کي ??تم ڪرڻ ۽ مستحقين تائين امداد جي فراهمي لاءِ موثر ??ڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو وقت آهي، وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي صورتحال جو ويجهي کان جائزو وٺي رهيو آهي ۽ 13 اپريل تي قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ صوبن جي م??اورت سان اڳتي جي حڪمت عملي بابت فيصلا ڪيا ويندا. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان روزاني جي بنياد تي لاڳاپيل عملدارن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته متوازن فيصلا ڪيا وڃن ته جيئن وبا مان به ڇوٽڪارو ملي سگهي ۽ ??لڪ جا پيڙهيل ماڻهو به متاثر نه ٿين، ڪورونا سان گڏوگڏ مستحقين جي م??د بابت به فيصلا ڪرڻا آهن.