اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي واپار ۽ ٽيڪسٽائيل واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڪري دنيا ۾ تبديليون آيو?? آهن ۽ اڳتي ڪاروب??ر جا طريقيڪار بلڪل مختلف هوندا، مشڪل وقت ۾ نوان موقعا پيدا ٿيندا جنهن ۾ پاڪستان جي لاءِ مقامي مينوفيڪچرنگ ک?? فروغ ڏيڻ ۽ ميڪ ان پاڪستان پاليسي کي اختيار ڪرڻ جو سنهري موقعو آهي.