اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيدال??طر جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هن سال عيدال??طر جي موقعي تي عالمي دنيا مشڪل آزمائش مان گذري رهي آهي، ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا پريشان آهي، احتياطي تدبيرون ئي ان جي روڪٿام جو واحد طريقو آهي، عيد جي خوشين ۾ ضرورتمند ۽ پيڙهيل طبقي کي هرگز نظرانداز نه ڪريو. هن اهڙن خيالن جو اظهار عيدال??طر 1441هه جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.